پکيئڙا ولر کان وڇڙيا

پکيئڙا ولر کان وڇڙيا

پکيئڙا ولر کان وڇڙيا

پکيئڙا ولر کان وڇڙيا (ڪتاب): مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس گوبند مالهيءَ جو ورهاڱي جي پسمنظر تي لکيل هيءُ ناول سندس اوائلي ناولن مان آهي. ڪرائون سائيز ۾ 148 صفحن تي ڇپيل هيءُ ناول، چونڊ پبلڪيشن حيدرآباد جي پهرئين ڪتاب طور علي مرتضيٰ ڌاريجي 1973ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت ٻه روپيا رکيل آهي. هيءُ ناول گوبند مالهيءَ جي بهترين ناولن مان هڪ آهي. هن ناول ۾ گوبند مالهيءَ پنهنجي ٻالڪپڻ ۽ جوانيءَ جي پوپٽن جهڙن پلن کي ياد ڪندي، سامتيءَ جي ڳوٺ جي زندگيءَ جو چٽ چٽيو آهي. هن ناول جو مکيه ڪردار ”ڪُندن“ آهي. هن ناول جو مکيه موضوع آهي ”ڌرتيءَ جي ڳالهه، ڌرتيءَ کان وڇڙڻ جو درد“. هيءُ ڪتاب جو سنڌ ۾ ڇپيل ٻيو ڇاپو آهي. جڏهن ته پهريون ڇاپو ڀارت ۾ ڇپيو هو. ورهاڱي جي واقعن جو بيان پنهنجي ڳوٺ ’ٺارو شاهه‘ جي پسمنظر ۾ ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو